Government's popularity is not less: Firdous Ashiq Awan Share اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عدالت ۾ درخواست ڏيڻ سان ظاهر ٿيو ۽ ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي. هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف لنڊن نه وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ٻئي طرف عدالت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي، اصل حقيقت سامهون اچي وئي ته سندس دل کي نه پر اقتدار جو درد آهي. هن چيو ته مريم اورنگزيب ٻڌائي ته ضمانت ملندي ئي ميان صاحب جي حالت ٺيڪ ڪيئن ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته وڻ ڳڻڻ بدران ٻڌايو ته ميان صاحب اسپتال ۾ اڃا تائين داخل ڇو نه ٿيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ووٽن جي ڳڻپ ۾ شڪست کائيندڙ هاڻي وڻن جي ڳڻپ ۾ مصروف آهن، شڪست کاڌل عنصر سياسي نشو پورو ڪرڻ ۾ مصروف آهن، مسلم ليگ ن ترجمان وڻ ڳڻڻ بدران ڦريل دولت ڳڻي واپس ڪري. هن چيو ته بلين ٽري سونامي بابت رپورٽ سياسي سازش آهي، سياسي مخالف هڪ طرفو دورو ڪري حقيقتن جي ابتڙ رپورٽ پيش ڪئي، مخالف ڌر وٽ سياست ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، وڻن جو بهانو ڪيو ويو، وڻن جي معائني لاءِ اهي ماڻهو ويا جيڪي عمران خان جا بدترين سياسي مخالف آهن. Report of BillionTraintsunami is a political conspiracy: Firdous Ashiq Share FacebookWhatsAppTwitterLinkedinInstagramEmailPinterest