سريلنڪا ۾ ڌماڪا: ماسٽر مائينڊ زهران هاشمي جي ڀارت ۾ تربيت جو انڪشاف

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ ڌماڪا ڪندڙ دهشتگرد تنظيم جماعت التوحيد جون ڪڙيون نه رڳو ڀارت سان مليون آهن پر ماسٽر مائينڊ زهران هاشمي جي ڀارت ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.  ڀارت جي مقامي اخبار دي هند موجب سريلنڪا جي فوجي ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۾ بم ڌماڪن جي ماسٽر مائينڊ زهران هاشمي جي ڀارت ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جوانڪشاف ٿيو  آهي. زهران هاشمي ڪافي عرصو ڀارت ۾ گذاريو. سريلنڪا جي فوجي ذريعن جو چوڻ آهي هت جاچ ڪندڙ ادارن ڌماڪن ۾ ملوث دهشتگرد تنظيم التو حيد جي سربراهه زهران هاشمي کي سڃاڻي ورتو آهي، جنهن ايسٽر کانپوءِ هڪ ٻئي پويان 9 ڌماڪا ڪيا ۽ ٻن ڏينهن بعد آءِ ايس ڌماڪن جي ذميواري قبول ڪندي اٺن بمبارن جون تصويرون جاري ڪيون. ماڻهن وچ ۾ بيٺل شخص زهران هاشمي آهي جڏهن ته ٻين جهادين پنهنجا چهرا لڪائي رکيا آهن. سريلنڪن اختيارين موجب جاچ ادارن عورت سميت نون حملي آورن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، اسان جو خيال آهي ته ڪجهه انتها پسندن کي انڊيا ۾ تامل ناڊو طرفان دهشتگرد حملن جي تربيت ڏني وئي آهي. ڀارتي اختيارين موجب اختيارين اعتراف ڪيو ته زهران فيس بڪ ذريعي ڀارتي نوجوانن سان رابطي ۾ هو، زهران جي فيس بوڪ جي 100 کان وڌيڪ فالوئرز کان پڇا ڳاچا جاري آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.