ڪرڪيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي ميلي ۾ باقي ڪجهه هفتا وڃي بچيا آهن ۽ عالمي ڪپ ويجهو ايندي ئي مداحن جو جوش ۽ جذبو به عروج تي پهچي ويو آهي. ايندڙ مهيني کان انگلينڊ ۽ ويلز ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سمورين 10 ٽيمن پنهنجي اسڪواڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ شوقينن ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، 92ع واري فارميٽ ۾ ٿيندڙ هي ورلڊ ڪپ ان لاءِ به خاص آهي ڇو ته هي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ڊگهو ترين ميگا ايونٽ هوندو، جنهن ۾ فائنل سميت ڪُل 48 ميچون کيڏيون وينديون.
ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جن 15 رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي، انهن ۾ سرفراز احمد (ڪپتان)، فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، عابد علي، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، حارث سهيل، فهيم اشرف، شاداب خان، عماد وسيم، شاهين آفريدي، حسن علي، جنيد خان ۽ محمد حسنين شامل آهن پر چيمپيئنز ٽرافي 2017ع جي فائنل ۾ ڀارتي بيٽنگ لائين جا بخيا اڊيڙيندڙ محمد عامر کي اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ محمد عامر جي گذريل ٻن ورهين دوران ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ نه رهي پر شوقينن جو مطالبو آهي ته فاسٽ بالر کي هر صورت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏايو وڃي، ان جي غير موجودگي پاڪستاني ٽيم لاءِ وڏو نقصان آهي، ان سان گڏوگڏ ڪجهه ماڻهو جارحاڻي بيٽسمين (هارڊ هٽر) آصف علي جي ٽيم ۾ عدم شموليت تي پڻ اعتراض ڪري رهيا آهن، سندن موجب آصف علي آخري اوورن ۾ جارحاڻي بيٽنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان جي اڻ هوند ۾ پاڪستان وٽ اهڙو ٻيو ڪو به رانديگر موجود ناهي، جيڪو سندس جيان تيز بيٽنگ ڪري سگهي، بهرحال محمد عامر ۽ آصف علي کي انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ سليڪشن ڪميٽي وٽ رانديگر تبديل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي پر اهي ورلڊ ڪپ کيڏندا يا نه؟ اهو ان سيريز جي نتيجن تي ڀاڙي ٿو.
پاڪستاني اسڪواڊ:
سرفراز احمد (ڪپتان)
گذريل ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم ۾ مستقبل طور جاءِ ٺاهيندڙ ۽ ڪپتان جو عهدو سنڀاليندڙ سرفراز احمد 2017 ۾ پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي جو ٽائيٽل کٽرايو ۽ انگلينڊ ۾ سندس ڪارڪردگي به مليل جليل رهي آهي، 101 ون ڊي ميچن جي 76 اننگز ۾ 1942 رنسون ٺاهيندڙ سرفراز احمد پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي هن ورلڊ ڪپ ۾ شروعاتي نمبرن تي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻ ڏسجي ته هو ڪهڙي نمبر تي ٿو بيٽنگ ڪري ۽ ٽيم لاءِ ڪهڙيون خدمتون ٿو انجام ڏئي.
فخر زمان
چيمپيئنز ٽرافي 2017 جي فائنل جو هيرو فخر زمان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، رڳو 18 ون ڊي ميچن ۾ هزار رنسون مڪمل ڪري دنيا جي پهرين بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪندڙ فخر زمان پاڪستان طرفان واحد ڊبل سينچري ميڪر بيٽسمين پڻ آهي، سليڪٽرن کي فخر زمان مان وڏيون اميديون آهن ۽ هو پنهنجي پهرين ورلڊ ڪپ کي يادگار بڻائڻ لاءِ پراميد آهي.
امام الحق
فخر زمان کانپوءِ امام الحق دنيا جو اهو واحد بيٽسمين آهي، جنهن 19 ون ڊي ميچن ۾ هزار رنسون مڪمل ڪيون. امام الحق 24 ون ڊي ميچن ۾ 5 سينچرين ۽ 5 ففٽين جي مدد سان 1437 رنسون ٺاهي چڪو آهي ۽ تازو هن ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران سينچري اسڪور ڪري تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا، امام الحق ورلڊ ڪپ ۾ به پنهنجي شموليت تي تنقيد ڪندڙن کي ڪارڪردگي سان جواب ڏيڻ چاهي ٿو.
بابر اعظم
ون ڊائون بيٽسمين بابر اعظم، گهٽ عرصي ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ اهو پاڪستاني رانديگر آهي، جنهن جي ڀيٽ دنيا جي وڏن وڏن بيٽسمينن سان ڪئي ويندي آهي، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ڪپتان سرفراز احمد کي ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم مان وڏيون اميدون آهن. ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ بابر اعظم 59 ون ڊي ميچن ۾ 2462 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 8 سينچريون ۽ 10 ففٽيون شامل آهن، بابر اعظم پنهنجون پهريون ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهي.
محمد حفيظ
ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پروفيسر جي نالي سان مشهور محمد حفيظ جو شايد هي آخري ورلڊ ڪپ هجي، وڏي وقت کان ٽيم سان گڏ رهندڙ ۽ ڏکين حالتن ۾ سٺي طريقي سان پنهنجي ذميواري نڀائيندڙ محمد حفيظ زخمي هجڻ سبب تازو آسٽريليا خلاف سيريز نه کيڏي سگهيو هو، سندس فٽنيس ۾ ڪجهه سڌارو آيو آهي ۽ سليڪٽرن تجربي جي بنياد تي کيس عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جو حصو بڻايو آهي، محمد حفيظ کي مڊل آرڊر ۾ تيز بيٽنگ ڪرڻ جي ذميواري ڏني ويندي، ان سان گڏوگڏ هو بالنگ ۾ به پاڪستان کي ڪم اچي سگهي ٿو.
شعيب ملڪ
شعيب ملڪ هن وقت پاڪستاني ٽيم ۾ اهو واحد رانديگر آهي، جنهن ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ کيڏيا ۽ وڏو تجربو رکي ٿو، هن ڏکئي وقت ۾ ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي، جيتوڻيڪ شعيب ملڪ جي تازو آسٽريليا خلاف ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ نه رهي پر سليڪشن ڪميٽي اڳوڻي ڪپتان کي ويهارڻ جي حق ۾ نه هئي، هاڻ ڏسجي ته شعيب ملڪ، جيڪو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي، پنهنجي آخري ورلڊ ڪپ ڪيئن ٿو يادگار بڻائي.
حارث سهيل
سليڪٽرن جي نظر ۾ بابر اعظم کانپوءِ حارث سهيل ئي اهو بيٽسمين آهي، جيڪو مڊل آرڊر ۾ ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حارث سهيل گذريل ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جو حصو هو پر بدقسمتي سان گوڏي جي انجريءَ سبب ٽيم مان اِن آئوٽ ٿيندو رهيو، ان باوجود کيس جڏهن به موقعو مليو هن پنهنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو، جنهن جو تازو مثال آسٽريليا خلاف سيريز ۾ سندس ڪارڪردگي آهي، جنهن ۾ حارث سهيل ٻه سينچريون اسڪور ڪري سليڪٽرن کي پنهنجي چونڊ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
عابد علي
ڊوميسٽڪ ۾ لاڳيتو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عابد علي کي به آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ موقعو ڏنو ويو ۽ پهرين ميچ ۾ سينچري سندس مستقبل جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سليڪٽرن عابد علي کي ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي، عابد علي رڳو ٻه ون ڊي ميچون کيڏي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، هاڻ ڏسجي ته عابد علي کي ٽئين اوپنر طور کيڏائڻ جو فيصلو ڪيتري حد تائين درست ٿو ثابت ٿئي.
شاداب خان
شاداب خان پاڪستان طرفان ٽنهي شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگر آهي، پي ايس ايل جي پيداوار ان آل رائونڊر چيمپيئنز ٽرافي 2017 ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري ٽيم ۾ مستقبل ميمبر طور جاءِ ٺاهي ورتي ۽ هو ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ به ٽيم جو حصو آهي پر بدقسمتي سان وائرس جي موجودگي سبب انگلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي، شاداب خان ورلڊ ڪپ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو يا نه، ان حوالي سان في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
عماد وسيم
پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ عماد وسيم بهترين بالنگ سان گڏوگڏ بيٽنگ ۾ به مهارت رکي ٿو، عماد وسيم 41 ون ڊي ميچن ۾ 33 وڪيٽون وٺڻ سان گڏوگڏ 711 رنسون ٺاهي چڪو آهي ۽ سندس بيٽنگ ايوريج 47.40 آهي، جيڪا ڪنهن آل رائونڊر طور متاثر ڪندڙ آهي، جيتوڻيڪ عماد وسيم سئو سيڪڙو فٽ ناهي پر سليڪٽرن کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي.
فهيم اشرف
پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ هيٽ ٽرڪ جو اعزاز رکندڙ فهيم اشرف به سٺن آل رائونڊرن مان هڪ آهي، هن ويجهڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪري سليڪٽرن جو اعتماد حاصل ڪيو، قومي اسڪواڊ ۾ کيس بالنگ سان گڏوگڏ بيٽنگ ۾ به ڪم اچڻ لاءِ رکيو ويو آهي.
حسن علي
هر ميچ ۾ 3 وڪيٽون وٺڻ جي عادت رکندڙ حسن علي کي ته گهڻو وقت اڳ ئي ورلڊ ڪپ جي حتمي رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو مڪمل طور فٽ رهڻ ۽ آرام ڏيڻ خاطر کيس آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جو حصو نه بڻايو ويو، چيمپيئنز ٽرافي 2017 ۾ اڀري آيل نوجوان فاسٽ بالر بيٽنگ ۾ به ٽيم جي ڪم ايندو رهيو آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو اهم هٿيار هوندو.
شاهين آفريدي
نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران شاندار پرفارمنس ڏئي دنيا جي ناليوارن ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ساراهه تي مجبور ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو سليڪٽرن وهاب رياض ۽ عثمان شنواري جهڙن بالرن جي موجودگي ۾ شاهين آفريدي کي ترجيح ڏني ۽ ٽيم مئنيجيمنٽ کي اميد آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ مخالف ٽيمن کي پريشان ڪندو.
جنيد خان
پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تجربو رکندڙ جنيد خان فٽنيس مسئلن سبب ٽيم کان ٻاهر رهندو آيو آهي. چيمپيئنز ٽرافي 2017 ۾ انگلينڊ جي گرائونڊن تي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ جنيد خان تازو آسٽريليا خلاف دبئي ۾ سٺي پرفارمنس ڏئي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ پنهنجي شموليت يقيني بڻائي ڇڏي. جنيد خان جو چوڻ آهي ته هو هر ميچ کي پنهنجي ڪيريئر جي آخري ميچ سمجهي کيڏندو آهي ۽ ورلڊ ڪپ دوران ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.
محمد حسنين
پي ايس ايل فور ۾ اڀري ايندڙ نوجوان فاسٽ بالر محمد حسين تي قسمت جي ديوي ايتري ته مهربان ٿي وئي جو کيس بنا دير ورلڊ ڪپ ۾ ڊيبيو ڪرڻ جو شاندار موقعو ملي ويو، محمد حسنين جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو پاڪستان وٽ اڄوڪي دور جو واحد اهڙو فاسٽ بالر آهي، جيڪو 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته محمد حسنين جي صورت ۾ اسان ورلڊ ڪپ ۾ سرپرائز ڏيڻ چاهيون ٿا.
31 مئي کان انگلينڊ ايندڙ ويلز ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ميگا ايونٽ لاءِ سڀني ٽيمن پنهجي اسڪواڊن ۾ بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هاڻ کان ئي فيوريٽ ٽيمن، بيٽسمينن ۽ بالرن تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪهڙي ٽيم ورلڊ ڪپ کٽيندي، ڪهڙو بيٽسمين ٽاپ اسڪورر رهندو ۽ ڪهڙو بالر سڀ کان وڌيڪ شڪار ڪندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر شوقينن کي 92 واري فارميٽ ۽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ميگا ايونٽ ۾ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ضرور ملندا.