ايئر ڪنڊيشن جا صحت تي خراب اثر:ريحانه ڪنول راهو

گرمين ۾ ايئر ڪنڊيشن جي ضرورت کان ڪهڙيءَ طرح به انڪار نٿو ڪري سگهجي. جيئن هر شيءَ جي استعمال جي ضرورت ٿيندي آهي بلڪل اهڙيءَ طرح گرمين ۾ ايئر ڪنڊيشن جي استعمال جي به ضرورت پوندي آهي. عام طور تي ماڻهو ايئر ڪنڊيشن کي تمام گهٽ گرميءَ جي درجي تي رکندا آهن جيڪو انهن جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. عارضي ٿڌ ۾ مسلسل رهڻ ۽ وري ٻاهر گرمي ۾ وڃڻ سان اوهان جي صحت تي خراب اثر پوندا آهن. ڇو ته گهڻي گرمي مان اوچتو ٿڌ واري ماحول ۾ وڃڻ سان تمام گهڻا طبي مسئلا جنم وٺندا آهن. جن جي جلدي خبر نه پوندي آهي پر وقت سان گڏوگڏ هي مسئلا سامهون اچڻ لڳندا آهن. ايئر ڪنڊيشن جي مستقل استعمال سان صحت تي ٿيندڙ ڪجهه لاڳاپيل مسئلن تي روشني وجهون ٿا.

ساهه کڻڻ ۾ مشڪل: جيڪڏهن ايئر ڪنڊيشن کي مستقل هلايو پيو وڃي ۽ ان جا فلٽر صاف نه ڪيا وڃن ته ان مان ڪيترن ئي قسمن جا جراثيم نڪرڻ لڳندا آهن. ۽ پوءِ اهي ئي جراثيم ايئر ڪنڊيشن هلڻ سان ماڻهن تائين پهچي ويندا آهن جنهن مان انهن کي ساهه کڻڻ جي تڪليف سان گڏوگڏ نمونيا به ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه هڪ خاص قسم جي جراثيم ليگيونيلا نيموفيلا جي سبب سان به ساهه کڻڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. ساهه جي عمل کي متاثر ڪرڻ واري هڪ ٻي بيماري ليگيونيئر به ٿي سگهي ٿي هيءَ خاص طور تي انهن ماڻهن کي ٿيندي آهي. جيڪي پنهنجو سڄو ڏينهن ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ گذاريندا آهن ۽ انهن کي هر وقت گهٽ محسوس ٿيندي آهي. جڏهن ته اهو ڏٺو ويو آهي اهڙا ماڻهو جڏهن ٿڌي ڪمري مان ٻاهر نڪرندا آهن ته انهن کي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳندي آهي. هي سڀ نشانيون هن ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿيون ته مستقل ايئر ڪنڊيشن ۾ ويهڻ سان ڦڦڙن کي نقصان پهچي رهيو آهي. هيءَ نشاني جلدي نه پر وقت سان گڏوگڏ ظاهر ٿيندي آهي.

احتياط: ساهه کڻڻ جي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ ايئر ڪنڊيشن جا فلٽر هر هفتي باقاعدگي سان صاف ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه انهن فلٽرن کي هر سال تبديل ڪرڻ هڪ بهتر عمل آهي جڏهن ته هن سان گڏوگڏ ڪمري ۾ موجود قالين ۽ پڙدن جي صفائي به اهميت رکي ٿي.

مٿي ۽ جسم ۾ سور: ايئر ڪنڊيشن ۾ مستقل ويهڻ وارن ماڻهن کي ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. انهن جي مٿي ۽ جسم جي حصن ۾ سور جي شڪايت به وڌي ويندي آهي پر اهي جيئن ئي ٿڌ مان ٻاهر نڪرندا آهن ته هيءَ نشاني جلدي ختم ٿيندي نظر ايندي آهي. هن نشاني کي سڪ بلڊنگ سنڊروم چيو ويندو آهي هڪ تحقيق جي مطابق اهڙا ماڻهو جيڪي لاڳيتو ايئر ڪنڊيشن جي ٿڌ ۾ رهندا آهن. انهن ۾ گهڻي ٿڪاوٽ، مٿي جو سور ۽ جسم ۾ لاڳيتو سور رهڻ جي گهڻي شڪايت ملي رهي آهي. انهن جي برعڪس جيڪي ماڻهو ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ گهٽ وقت گذاريندا آهن. انهن جي مٿي ۽ جسم ۾ لاڳيتو سور نه رهندو آهي.

احتياط: جنهن ڪمري ۾ ويهو ته ان ڪمري جي ايئر ڪنڊيشن جو ٽيمپريچر وڌائي ڇڏيو ته جيئن گهڻي ٿڌ نه لڳي ان کان علاوه هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايئر ڪنڊيشن واري ڪمري مان ٻاهر نڪرندا آهن. ۽ پوءِ چوندا آهن گرمي گرمي هئي ري گرمي. جڏهن گرمي جو زور وڌندو آهي ته انسان جو وس نٿو هلي ته ڪيئن ان جو توڙ ڪڍان. وقت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ايندي وئي ته پنکن ۽ ايئر ڪولرن کان پوءِ ايئر ڪنڊيشن به ماڻهن جي زندگين ۾ عام ٿيندو ويو. هاڻي گهر ننڍا هجن يا وڏا اوهان کي هر گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اي سي لڳل ته ضرور نظر ايندي. هاڻي ته اهو حال آهي آفيس هجي يا گهر، گاڏي هجي يا وري ڪو شاپنگ سينٽر هر جڳهه تي ايئر ڪنڊيشن جي سهولت موجود آهي. جڏهن هر جڳهه تي ايئر ڪنڊيشن موجود هوندو ته پوءِ اوهان کي ان جي عادت به ضرور پوندي ۽ لوڊشيڊنگ جي ڪري هن جي بنا رهڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي. اسان جا جسم ايئر ڪنڊيشن جا عادي ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ٿوري به گرمي اسان جي برداشت کان ٻاهر هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو ٽهڪندڙ اُس مان ڪنهن اهڙي جاءِ تي پهچي وڃي جتي ايئر ڪنڊيشن هلندي هجي ته اتي ان کي جلدي سڪون ۽ راحت بخش احساس ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.