ايم ڪيو ايم اڳواڻ دارلصحت کي سيل ڪرڻ جي خلاف…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار ننڍڙي ٻارڙي نشوا فوتگي ڪيس ۾ دارلصحت اسپتال کي بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خواجا اظهار الحسن، محمد حسين سميت 4 ميمبرن ڊوميسائل جاري ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾موقف اختيار ڪيو ويو ته اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي ڊوميسائل جاري ڪري ملازمتون ڏنيون پيون وڃن، ڊوميسائل جاري ڪرڻ لاءِ ڪاغذن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي.

بعد ۾ خواجا اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جهڙي حڪمراني جي خلاف قانوني جنگ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪوٽا سسٽم جي آڙ وٺي شهري سنڌ جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، عدالت کي سمورا ثبوت ڏنا ويا آهن جنهن تي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ايم ڪيو ايم هميشه ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون هيون.

خواجا اظهار چيو ته پيپلز پارٽي تي نه ان جي حڪمراني تي اعتراض آهي، بلاول چيو هو ته آئون وزيرن تي ڏنڊو کڻندس، پر هن ڏنڊو وزيرن بدران وفاق جي خلاف کنيو.

خانگي اسپتال جي غفلت ۽ غلط انجيڪشن سبب فوت ٿيل نشوا بابت خواجا ظهار چيو ته اسان نشور جي پيءُ سان گڏ آهيو پر دارلصحت کي سيل ڪرڻ جي خلاف آهيون، ڇا ٿر ۾ ٻار ناهن مري رهيا؟ نشوه جو معاملو پهريون ناهي، ڄاڻي واڻي کي قتل ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.