سرحد ويجهو قومي شاهراهه تي ڪرنل موڙ وٽ ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن سبب ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٻھ ڄڻا زخمي ٿي پيا.
قومي شاهراهه تي ڪرنل موڙ وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ عبدالباسط سومرو فوت ٿي ويو جڏهن تھ ٻه ڄڻا الله بخش ڀٽي ۽ وڏيرو علي اڪبر مھر زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال گھوٽڪي پھچايو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي جو لاش سول اسپتال گھوٽڪي مان پوسٽ مارٽم کان پوءِ گوٺ پراڻي سرحد ۾ آندو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن تھ امڙ ۽ ڀينرن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا………….
رپورٽ -اعجاز دايو