وڏي وزير هڪ مهيني ۾ پوليس رولز ايڪٽ ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس ۾ عدالتي فيصلي موجب سڌارا نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۾ قابل ماڻهو آهن ته ايڪٽ سان رولز ڇو نه ٿا تيار ڪن. سنڌ پوليس ۾ عدالتي فيصلي موجب سڌارا نه ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ مهيني ۾ پوليس رولز ايڪٽ ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. اي جي سنڌ وڏي وزير جي خاطري بابت عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته کين حڪومت جي خاطرين تي يقين ناهي ڇو ته سندن بدنيتي واضح ٿي چڪي آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت ۾ قابل ماڻهو آهن ته ايڪٽ سان رولز ڇو نه ٿا ٺاهيا وڃن.  سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس رولز جو معاملو اسيمبلي ۾ هليو ويو ته اهو ئي ٿيندو جيڪو پهريون ٿيندو آيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آءِ جي به نه ٿو ڪري سگهي.  عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي 14 مئي تي قانون بڻائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.