پاڪستان وائٽ ڪالر ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي : وزيراعظم

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان بيلٽ اينڊ روڊ فورم کي خطاب ڪندي چيو  ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان پاڪستان ۾ توانائي بحران ۾ گهٽتائي آئي جڏهن ته چين جي سهڪار تي گوادر تيزي سان دنيا جو واپاري مرڪز بڻجي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ٻئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم 2019ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم کي خطاب ڪرڻ مون لاءِ اعزاز آهي، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي وارو خواب حقيقت بڻجي رهيو آهي. بيلٽ اينڊ روڊ گڏيل رابطن ۽ ڀائيواري جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان، چين جي هن وڏي ڪاوش جو شروعاتي ڀائيوار آهي، بيلٽ اينڊ روڊ، ثقافت ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ به اهم آهي.

 

وزيراعظم پاڪستان جي غيرمشروط حمايت ڪرڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان توانائي بحران گهٽتائي آئي، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ڏانهن وڌي رهيا آهن.

 

 وزيراعظم عمران خان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن کي پُرڪشش موقعا فراهم ڪندو، اقتصادي ترقي لاءِ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته چين سان بنيادي ڍانچي، ريلوي، توانائي ۽ آءِ ٽي ۾ سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا ان سان گڏوگڏ زراعت، صحت ۽ تعليم ۾ به سهڪار چاهيون ٿا.

 

وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۾ ” احساس “ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ ماحول جي بهتري لاءِ ڏهه ارب وڻ لڳائڻ واري منصوبي جي به شروعات ٿي چڪي آهي.

ان موقعي تي عمران خان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان وائٽ ڪالر ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته وائٽ ڪالر ڪرائيم ئي ترقياتي ڪمن کي برباد ڪندو آهي.

 

وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جي سهڪار سان گوادر تيزي سان دنيا جو واپاري مرڪز بڻجي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.