حديقا ڪياني آنٽي سڏڻ جي جذباتي ٿي وئي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاپ ڳائڻي حديقا ڪياني نه رڳو پنهنجي آواز پر پنهنجي پرڪشش شخصيت سبب به مشهور آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جا لکين مداح آهن. تازو ان طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ ۾ هڪ ڇوڪريءَ ان لاءِ غير مناسب ڪمينٽ ڪيا، جنهن کانپوءِ حديقا ڪياني نه رڳو کيس پر ٻين ماڻهن کي به سخت جواب ڏنو. ڳائڻي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز ۾ ٻڌايو ته سندس هڪ پوسٽ تي هڪ ناري غير مناسب ڪمينٽ ڪيو ۽ کيس وڌندڙ عمر سبب آنٽي قرار ڏنو. ڳائڻي ان ڪمينٽ جو اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن غير مناسب ڪمينٽ ڪندڙ ناري جي سڃاڻپ لڪائي ڇڏي هئي. ڪمينٽ ۾ پڙهي سگهجي ٿو ته ناري حديقا ڪياني کي آنٽي مخاطب ڪندي کيس الله الله ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پنهنجي پوسٽ تي ان ئي ڪمينٽ کانپوءِ حديقا ڪياني انسٽاگرام اسٽوريز ۾ عورتن کي وڌندڙ عمر جا طعنا ڏيندڙ سمورن ماڻهن کي سخت جواب ڏنو ۽ چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عورتن کي وڏي عمر ٿيڻ جا طعنا عورتون ئي ڏين ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.