ڳاڙهي ۾ آبادگار طرفان واٽر ڪورس تي قبضي نه ڇڏائي ڏيڻ تي پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.
مليرڙي شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورس ايل-16 تي بااثرن پاران قبضي خلاف صالح محمد شولاڻي ٻي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال جاري رکي.
صالح محمد شولاڻي چيو ته سندس واٽر ڪورس جي ڪمان تي بااثرن مرغي فارم، شادي هال ۽ برف جا ڪارخانا قائم ڪري ورتا آهن، مقامي آبپاشي آفيسر ۽ عملو روپيا رشوت وٺي بيوس بڻيل آهي.
هن چيو ته کيس انصاف نه مليو ته هو پاڻ ساڙڻ جهڙو انتهائي قدم کڻي سگهي ٿو.
صالح محمد شولاڻي مطالبو ڪيو ته واٽر ڪورس جي ڪمان تان قبضو ختم ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي