ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙيءَ جي سائيٽ واري علائقي ۾ جوابدار گونگي نينگر کي مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو.
ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي بهار ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان هڪ جوابدار 10 ورهين جي گونگي نينگر ڪاشف راجپوت کي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، ان کان پوءِ نينگر جي وارثن جي اطلاع تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس جي گھر تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيو.
پوليس جوابدار جي ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.