چمبڙ ۾ تيز رفتار گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
لغاري روڊ تي درگاهه بودلو بها وٽ تيز رفتار ڪيري سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو الطاف رند چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
حادثي جي اطلاع تي علائقي واسين فوتي جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……………………