جاپان جي يونيورسٽي ۾ سگريٽ ڇڪيندڙ استادن جي داخلا تي پابندي لاڳو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني يونيورسٽي سگريٽ جو نشو ڇڏرائڻ لاءِ سگريٽ ڇڪڻ جي عادي استادن تي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

سگريٽ هجي يا چانهه جيڪڏهن عادت پئجي وڃي ته ڇڏرائڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي پر جاپان جي ناگاساڪي نالي يونيورسٽي انتظاميا نشي جي بري عادت ۾ ورتل استادن کان سگريٽ ڇڏرائڻ جو انوکو طريقو ڪڍي ورتو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي هڪ يونيورسٽي سگريٽ ڇڪيندڙ استادن کان  سگريٽ ڇڏرائڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاپان جي ناگاساڪي يونيورسٽي جي ترجمان يوسوتاڪا جو چوڻ هو ته سگريٽ ڇڪڻ تعليمي عمل جي خلاف آهي. سگريٽ ڇڪيندڙ استادن جي يونيوسٽي ۾ داخلا تي پابندي سان شهري آزادين جي قانون جي ڀڃڪڙي نٿي ٿئي. ناگاساڪي يونيورسٽي پنهنجي نوعيت جي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن ۾ سگريٽ ڇڪڻ جا در هر ان استاد لاءِ بند ڪيا ويندا جيڪو سگريٽ ڇڪڻ نه ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.