رائو انوار جي پوليس مقابلن جي جوڊيشل انڪواري واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملوث ڪراچي پوليس جي اڳوڻي اعليٰ آفيسر رائو انوار جي مبينا پوليس مقابلن جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ رائو انوار جي عدالت کان مٿانهن 444 قتلن جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  سپريم ڪورٽ درخواست تي رجسٽرار جي اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏيندي جوڊيشل ڪميشن جورڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته رائو انوار 444 پوليس مقابلا ڪري ريڪارڊ قائم ڪيو، سپريم ڪورٽ رائو انوار جي چئن انڪائونٽرن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ جاچ دوران رائو انوار جا وڌيڪ 440 قتل سامهون آيا.

جسٽس عظمت سعيد درخواست گذار کي چيو ته بهتر ٿئي ها اوهان پهريان وفاقي حڪومت پوءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو ها. جنهن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ پهريان کان ان معاملي تي نوٽيس وٺي چڪي آهي تنهنڪري سڌو سنئون اعليٰ عدالت آيس.

واضح رهي ته سنڌ پوليس جي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب ايس ايس پي رائو انوار ملير ضلعي ۾ ست سال مقرر رهيو جنهن دوران 745 پوليس مقابلا ٿيا جن ۾ 444 جوابدارن کي ماريو ويو. رائو انوار تي ڀتا خوري ۽ زمينن تي قبضن سميت ڪيترائي الزام لڳندا رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.