رپورٽ: خيرپور: گمبٽ روڊ تي قلندر جي پانڌيئڙن سان حادثو، 10 ڄڻا زخمي

خيرپور- گمبٽ قومي شاهراهه تي سوزڪي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب کائي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جي ڄاڻ تي ريسيڪو عملي پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.

اسپتال انتظاميا موجب حادثي جي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، کين طبي امداد ڏني پئي وڃِي.

پوليس موجب حادثي جو شڪار حضرت قلندر لال شهباز جي ميلي تي وڃي رهيا هئا ته اوچتو حادثو پيش آيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.