اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي ترجمان نديم افضل چن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان جي اهليت تي سوال اٿارڻ وارن کي اِهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن جي اڌ کان به وڌيڪ پارٽي ڪرپشن ڪيس ڀوڳي رهي آهي.
مخالف ڌر اڳواڻ طرفان تنقيد ڪرڻ تي وزير اعظم جي ترجمان نديم افضل چن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اهليت تي سوال اٿارڻ وارن کي اِهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سندن اڌ کان وڌيڪ پارٽي ڪرپشن ڪيس ڀوڳي رهي آهي، سموري مخالف ڌر گڏجي به وزير اعظم عمران خان تي هڪ پيسي جي به ڪرپشن ثابت نٿي ڪري سگهي.
نديم افضل چن چيو ته ڪابينا ۾ ڦيرڦار وزير اعظم جو اختيار آهي، عمران خان واضح لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته جيڪو وزير پرفارم نه ڪندو اُن کي تبديل ڪنداسين، عمران خان عوام جي ووٽ جي طاقت سان وزير اعظم بڻيو، وزير اعظم عمران خان هن ملڪ جي ڪرپٽ اشرافيه جي خلاف غريب ماڻهو جو ڪيس وڙهي رهيو آهي ان ڪري ان ڪيس ۾ ڪاميابي حق ۽ سچ جي ٿيندي.
نديم افضل چن چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير لکڻ وارن کي حقيقت کي نظر ۾ رکندي تقرير لکڻ گهرجي، بلاول جي ڀرپاسي نيب متاثر سياسي ٽولو گڏ ٿيو آهي جو پ پ چيئرمين کي پنهنجي مفادن جي خاطر استعمال ڪري رهيو آهي، بلاول کي ڪنن تي تنقيد کان پهرين انهن عصرن جي ڪرپشن جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي.