ٻارڙن کي پوليو وئڪسين کان روڪڻ دهشتگردي آهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته پوليو جو ڊرامو رچائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جي وئڪسين کان پري رکڻ به دهشتگردي آهي.  پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت يوسفزئي چيو ته پوليو جو ڊرامو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار نذر محمد چيو ته هن ڪجهه ڪيو ئي ناهي، سازش کي ميڊيا ناڪام بڻايو، معاملي کي سياسي اشو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪا اسپتال ساڙي وئي آهي تنهن جو خرچ هاڻي ڪير ڀريندو، اهو اسان جو قومي معاملو آهي، ملڪ مان پوليو ختم ڪرڻي آهي، پاڪستان سڀني جو آهي، ملڪ جي ناڪامي سڀني جي ناڪامي آهي، هڪ ٻارڙو جيڪڏهن معذور ٿي وڃي ته سموري فيملي متاثر ٿيندي آهي.  سندس چوڻ هو ته ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جي وئڪسين کان پري رکڻ دهشتگردي آهي، سڀاڻي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.  شوڪت يوسفزئي چيو ته وئڪسين نه پيئڻ سبب ٻارڙن جي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي، گهر جي ٻارڙن کي وئڪسين پيارڻ سان ڪجهه نه ٿيو آهي، ماڻهن ۾ خوف پکيڙيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.