رپورٽ:کهڙا: گندي پاڻي جي پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو

کهڙا ۾ ڊرينيج سسٽم جي مين پائيپ لائين اوچتو ڦاٽي پئي، جنهنڪري سڄو شھر نالين جي گندي پاڻي جي ور چڙهي ويو.

گندي پاڻي وارن کوهن مان پاڻي نڪال ڪندڙ ڊرينيج جي مين پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب نالين جو گندو پاڻي روڊن، رستن تي بيهجي ويو.

گندو پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ سبب شھرين جي گهرن توڙي دڪانن اندر ڪاهي پيو آهي.

 پبلڪ هيلٿ کاتي وارا  ۽ انتظاميھ اگهور ننڊ ۾ ستل آهن،  جڏهن تھ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود به زميوار آفيسر نه پهتا نه ئي پائيپ لائين جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو آھي.

 شھرين مطالبو ڪندي گهر ڪئي  آهي ته پائيپ لائين جي مرمت ڪرائي نالين جو  گندو پاڻي شهر مان نيڪال ڪرايو وڃي………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.