گمبٽ ۾ سماجي تنظيم سولينس ٽرسٽ پاران خانگي ڪاليج ۾ حقدار معذور ماڻهن ۾ ويل چيئر ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي
سماجي تنظيم پاران تقريب ۾ 10کان وڌيڪ مستحق معذور نوجوانن توڙي نياڻين کي ويل چيئر ڏنيون ويون،
تقريب ۾ ڳالهائيندي سماجي تنظيم جي اڳواڻ محمد اشرف ۽ ٻين چيو ته اصل زندگي جو مقصد غريب ۽ مستحق ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي
سندس چوڻ هو ته معذور ماڻهن ۾ ويل چيئر تقسيم ڪرڻ تي وڏو سڪون محسوس ٿي رهيو آهي،
سندس چوڻ هو ته سرندي پڄندي وارن کي گهرجي ته هو به پنهنجي آس پاس ۾ معذورن توڙي غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪردار نڀائين.
تقريب جي آخر ۾ اسڪاٽ لينڊ کان آيل سماجي تنظيم جي اڳواڻ محمد اشرف کي ايور شائن ڪاليج جي چيف سربراھ ممتاز چنو مستحق ماڻهن جي خدمت ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنو،
تقريب ۾ صحافين، استادن، شاگردن سميت سماجي ماڻھن ۽شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……………..