رپورٽ: ڄامشورو: جاپاني ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

جاپان جي قونصل خاني ۽ سنڌ يونيورسٽي پاران تحقيق، ثقافت، سنڌي، اردو توڙي جاپاني ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي شهيد بينظير ڀٽو گئلري ۾ جاپاني قونصل خاني جي سهڪار سان جاپاني ڪئلينڊر 2019ع جي نمائش جو افتتاح ڪيو ويو.

جاپاني قونصل جنرل توشيڪازو آئسومورا چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستان- جاپان لينگويج اينڊ ڪلچر جي طرز جو ڪو شعبو کوليو وڃي ته هو ڀرپور سهڪار ڪندا.

ٺٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي، پروفيسر سعيد احمد منگي ۽ ٻين چيو ته جاپان جيان سنڌو ماٿري جي تهذيب به هزارين سال پراڻي آهي.

مقررن چيو ته جيڪڏهن جاپان قونصل خانو ۽ سنڌ يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪن ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن کي گهڻي مان گهڻو لاڀ ملي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.