شهباز شريف سان رابطن جا چئوٻول، چوڌري شجاعت ترديد ڪري ڇڏي

لنڊن (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ )ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين شهباز شريف سان رابطن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف سان نه رابطو ٿيو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان نيڪ نيت سان مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ تي اجلاس ۾ جڏهن هن جي خوشامد ٿئي پئي ته مون چيو هو ته منافقت کان پاسو ڪري، چاپلوسن کان پري رهي ۽ هن ۾ ”مان“ نه اچڻ گهرجي، پر افسوس ته ٽن مان ڪنهن به مشوري تي عمل نه ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.