وزيراعظم عمران خان جي ايران جي صدارتي محل پهچڻ تي شاندار آجيان، گارڊ آف آنر پيش…

 

تهران ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي ايران جي صدارتي محل سعد آباد پيلس پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو آهي. سعد آباد پيلس پهچڻ تي ايراني صدر حسن روحاني وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا ۽ وزيراعظم عمران خان گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير شيرين مزار، علي حيدر زيدي ۽ ٻيا ايران جي دوري تي آهي.  وزيراعظم تهران ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سان به ملاقات ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.