نورا فتيحي جي پاڪستاني فلم ۾ ڌماڪيدار انٽري

لاهور (شوبز نيوز) ڪئنيڊين ڄائي مراڪشي اداڪارا نورا فتيحي بالي ووڊ کانپوءِ هاڻي لالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ به تيار آهي. پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”سپر اسٽار“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. جنهن ۾ اداڪار بلال اشرف به مک ڪردار نڀائيندو، جڏهن ته فلم ۾ هڪ آئٽم نمبر پڻ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ نورا فتحي کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪئنيڊين ڄائي مراڪشي اداڪارا بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڊانس نمبر ڪري چڪي آهي، جڏهن ته جان ابراهم جي فلم ”ستيا ميو جياتي“ ۾ ماضي جي مشهور گيت ”دلبر دلبر“ تي ڊانس سبب هوءَ شهرت جي بلندين تي پهچي وئي. جنهن کانپوءِ هوءَ سلمان خان جي ”ڀارت“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ آئٽم ڪندي نظر ايندي، ان سان گڏوگڏ نورا فتحي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي فلم ”سپر اسٽار“ ۾ به ڊانس ڪندي نظر ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.