جاپان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽي وي وڪري لاءِ پيش

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) سوني ڪمپني دنيا جو سڀ کان تفصيلي تصوير  ڏينکاريندڙ ٽي وي تيار ڪئي آهي جيڪا هڪ بس جيڏي وڏي آهي ۽ ان کي 16 ڪي ٽي وي جو نالو ڏنو ويو آهي ڇو ته 1080 ايڇ ڊي ويڊيو سان ان جو معيار اٺ هوڻ ڀيرا وڌيڪ آهي. ان کي ويجهو ڏٺو وڃي يا پري کان  ان جا پڪسل ڌنڌلا ناهن. ٽي وي اسڪرين جي ويڪر 63 فٽ ۽ اونچائي 17 فٽ آهي ۽ ان کي ٽوڪيو جي ڏکڻ واري علائقي يوڪوهاما شهر ۾ هڪ ميڪ اپ ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ لڳايو ويو آهي ۽ اها ٻه ماڙ جيتري آهي. ان جو اعلان لاس ويگاس ۾ نيشل ايسوسي ايشن آف براڊڪاسٽر جي هڪ شو ۾ ڪيو ويو آهي. سوني ڪمپني سان واسطو رکندڙ  هڪ آفيسر چيو ته دنيا 8 ڪي طرف گھڻو سست رفتار سان سفر ڪري رهي آهي ۽ 16 ڪي ٽي وي کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سال لڳي ويندا. اهو ئي سبب آهي ته ايتري وڏي 16 ڪي ٽي وي ٺاهڻ هڪ اهم ڪارنامو آهي جنهن جا نتيجا ڏسي هر ڪو حيران رهجي وڃي ٿو. ڏسڻ سان هر ويڊيو ۽ تصوير ۾ هڪ خاص گھرائي جو احساس ٿيندو آهي ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته ان کي ننڍي ننڍي اسڪرينن بدران هموار انداز ۾ سموري اسڪرين کي تيار ڪيو ويو آهي. سوني ان ٽيڪنالوجي کي “ڪرسٽل ايل اي ڊي” جو نالو ڏنو آهي جنهن ۾ گھڻي سنهڙي ايل اي ڊي استعمال ڪئي ويندي آهي. ان ٽيڪنالوجي ۾ اسڪرين لاءِ بيڪ لائٽ جي ضرورت ناهي رهندي پر اها او ايل اي ڊي سان به روشن ٿيندي آهي پر اهو نسخو گھڻو مهانگو آهي ۽ اها ٽيڪنالوجي هن وقت گھڻي مهانگي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.