رپورٽ:نوشهرفيروز: اين سي ايڇ ڊي استادن پاران اسلام آباد ۾ استادن تي تشدد خلاف احتجاج

*نوشهرفيروز ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن پاران اسلام آباد ۾ پوليس طرفان ڊي چوڪ تي احتجاج تي ويٺل استادن تي هڪ دفعو ٻيهر وحشياڻي تشدد ۽ استادن جي گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن محمد مبين راڄپر، روشن علي، ڪرمي علي اڪبر ڏاهري، عطا محمد جانوري ۽ ٻين چيو ته اسلام آباد پوليس  جائز مطالبن لاءِ احتجاج تي ويٺل اين سي ايڇ ڊي استادن تي ٻيهر وحشياڻي تشدد ۽ گرفتاريون ڪرڻ واري واقعي جي  هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته 15 سالن کان پرائمري اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ استادن کي سندن حق ڏيڻ بجاءِ اسلام آباد جي روڊ رستن تي گهلي تذليل ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي.

 هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ استادن مٿان ڪيل تشدد جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………..

*******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.