ترت فيسبڪ پاسورڊ تبديل ڪيو نه ته…..

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن توهان فيسبڪ استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهيو ته پنهنجي اڪائونٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاسورڊ فوري طور تبديل ڪري ڇڏيو.  حقيقت ۾ فيسبڪ جي ڪروڙين واهپيدارن جي پاسورڊن تائين ڪمپني جي ملازمن پهچ حاصل ڪري ورتي آهي.  انٽرنيٽ سيڪيورٽي محقق برائن ڪريبس پاسورڊ جي تحفظ تي فيسبڪ جي ناڪامي جو انڪشاف ڪيو جنهن سبب 60 ڪروڙ صارفن جي ڊيٽا متاثر ٿي آهي.  هن ٻڌايو ته فيسبڪ ذريعن کيس ان سيڪيورٽي جي ناڪامي بابت ٻڌايو جنهنڪري ڊويلپرز کي اهڙيون اپليڪيشنز ٺاهڻ جو موقعو مليو جيڪي پاسورڊ کي انڪرپٽ ڪرڻ کانسواءِ لاگ ان ۽ محفوظ ڪنديون آهن.  اهڙي انڪشاف کانپوءِ فيسبڪ به ان ڪمزوري جو اعتراف ڪندي چيو ته انتظاميا نيٽ ورڪ ۾ محفوظ پاسورڊ جي ان مسئلي کي حل ڪري ورتو آهي.  برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب ان ڏس ۾ فيسبڪ جي انجنيئر اسڪاٽ رينفرو ٻڌايو ته ان معاملي جي جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي ته ان خامي جو ” ڪو به غلط استعمال“ ناهي ٿيو.  ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب مسئلو جنوري ۾ معمول جي سيڪيورٽي چيڪ اپ دوران پيش آيو ۽ جاچ کان پوءِ خبر پئي ته ان سان فيسبڪ لائٽ ايپ جا صارف وڌيڪ متاثر ٿيا، ان ايپ جو اهڙن علائقن ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿو جتي انٽرنيٽ اسپيڊ ناقص هوندي آهي.  ڪمپني هاڻ پنهنجن متاثر واهيپدارن کي معاملي بابت آگاهه ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ لکين انسٽاگرام واهپيدار به شامل آهن. پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته انتظاميا صارفن کي پاسورڊ سيٽ ڪرڻ جو ان وقت ئي چوندي جڏهن ڪمپني جي ٽاسڪ فورس اهو پتو لڳائي وٺندي ته صارفن جي لاگ ان تفصيلن جو غلط استعمال ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.