مئٽرڪ امتحان کان ٽي ڏينهن اڳ استادن جو احتجاج، پوليس تشدد، شيلنگ، ڪيترائي زخمي، 50 گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر ۽ ٻين شهرن جي سوين اُستادن گسٽا جي سڏ تي مرڪزي صدراشرف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، استادن پريس ڪلب تي مظاهرو ڪرڻ بعد وزير اعليٰ هائوس طرف ريلي ڪڍي ته پوليس استادن کي آرٽس ڪائونسل وٽ روڪيو ويو، انتظاميا پوليس جي اضافي نفري سان گڏوگڏ رينجرز اٽالا پڻ طلب ڪري ورتا، پوليس استادن کي وزير اعليٰ هائوس وڃڻ کان روڪيندي تشدد جو نشانو بڻايو، لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪرڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس ڪيترن ئي استادن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا، مرڪزي صدر اشرف خاصخيلي سميت ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورت استاد به شامل آهن، هڪ استاد زخمي حالت ۾ جناح اسپتال داخل ڪيو ويو،گسٽا اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس عملدارن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي سان گڏ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال به ڪيو. لٺبازي ۽ شيلنگ سبب 15 کان وڌيڪ استاد زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس 50 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو. مظاهرين ۾ عورتن جو وڏو انگ موجود آهي، پوليس اهلڪارن جي تشدد ۾ عورتون به زخمي ۽ بيهوش ٿيون آهن. گسٽا صدر اشرف خاصخيلي چيو ته مطالبا منظور ٿيا آهن ته نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، سيڪريٽري پريس ڪلب تي اچي نوٽيفڪيشن ڏيکاري ڇو نه ٿو، هو غلط بياني ڪري رهيو آهي، سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، احتجاج جاري رهندو سڄي سنڌ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسان جا استاد امتحانن دوران ڊيوٽي نه ڪندا.  جيستائين مطالبا منظور نه ٿيندا اسان جو احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن قاضي شاهد پرويز استادن جي احتجاج کي تعليم دشمن عمل قرار ڏيندي چيو آهي ته استاد پنهنجي پيشي سان سچا ناهن ، ڪالهه رات هڪ وڳي تائين استادن سان ڳالهيون ڪيون آهن، استادن امتحانن جو شيڊول جاري ٿيڻ بعد احتجاج ڇو ڪيو، گسٽا پاران ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، استادن جا سمورا مطالبا منظور ڪري چڪا آهيون، ٽائم اسڪيل ۽ 20 گريڊ ۾ پروموشن جي طريقيڪار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، سمري وڏي وزير وٽ پيل آهي، مينيجمينٽ ڪيڊر گسٽا جو اشو ناهي، 14 هزار اين ٽي ايس ٽيچر ريگيولر ٿي چڪا آهن جيڪي پگهارون به کڻي رهيا آهن، سڀني ڊائريڪٽرن وٽ اهڙو نوٽيفڪيشن اماڻيو ويو آهي، سيڪريٽري تعليم چيو ته استادن سان ڳالهين ڪمشنر ڪراچي، ايس ايس پي سميت ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي هئي، پر استادن ڳالهين ڪرڻ بدران احتجاج جو رستو ورتو، هنن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انتظاميه کين روڪي ورتو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس پاران ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي استعمال جِي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تھ پرامن احتجاجي مظاھرن خلاف اھڙا قدم برداشت ڪرڻ جوڳا ناھن. پنھنجي بيان ۾ پي پي پي چيئرمين چيو تھ پرامن احتجاج ڪرڻ ھر شھري جو جمھوري حق آھي ۽ اسان جي پارٽي سدائين عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي آھي. ھن چيو تھ استادن جي احتجاج کي تشدد بدران مھذب انداز سان بھ ھينڊل ڪرڻ ممڪن ھو. ھن زور ڏنو تھ گرفتار ڪيل استادن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي. تعليم واري وزير ڪراچي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته گرفتار استادن کي فوري آزاد ڪرايو وڃي. هوڏانهن  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو مرڪزي بيان جاري  ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت اُستادن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اُستادن جي پر امن احتجاج تي ڪراچي جي روڊن تي اُستادن مٿان وحشياڻو  تشدد، شيلنگ، لاٺي چارج ۽ رٻڙ جون گوليون هلايو آهن . هنن وڌيڪ چيو ته ميگا ڪرپشن ڪندڙ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ خاص طور تي پنهنجي پيءُ آصف زرداري جي امڪاني گرفتاري خلاف سرڪاري پيسي تي "ٽرين مارچي” ليڊر ٽرين تي چڙيل بلاول زرداري جي حڪومت ڪراچي ۾ اُستادن مٿان روز روز تشدد ڪري کليل دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهي آهي.جسقم جي مرڪزي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اُستادن کان تشدد جي معافي وٺي اُستادن جا مسئلا حل ڪري. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي ڪراچي ۾ گسٽا جي سڏ تي ٿيندڙ استادن جي احتجاج تي تشدد ۽ گرفتارين واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته مھذب ملڪن ۾ استادن کي وڏي عزت احترام ڏنو ويندو آھي حڪمران سندن شان ۾ اٿي بيھي رھندا آھن پر ھن ملڪ ۾ اسان جي استادن کي سندن جائز حقن جي لاءِ به روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻو پوي ٿو.  03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.