رپورٽ:ڪراچي: نيب کي 3 مئي تائين غلام قادر پليجو خلاف حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

قومي احتساب بيورو پ پ اڳواڻ قادر پليجو تي غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ شاهديون گڏ نه ڪري سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ 3 مئي تائين حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ قادر پليجو خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته غلام قادر پليجو خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري الزامن جي جاچ ڪئي پر ثابت ناهن ٿيا، جڏهن ته جاچ بند ڪرڻ لاءِ نيب هيڊڪوارٽر کي سفارش پڻ ڪري ڇڏي آهي.

غلام قادر پليجو جي وڪيل چيو ته نيب 2 سالن کان جاچ ڪري رهيو آهي پر هڪ به شاهدي گڏ نه ڪري سگهيو آهي.

عدالت نيب کي حتمي رپروٽ پيش ڪرڻ لاءِ 3 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.