هاڻي حاجيا صوفيا هڪ ميوزيم نه چورائيندو….

استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ترڪي جي سڃاڻپ حاجيا صوفيا جي حيثيت کي تبديل ڪندي ان کي مسجد بڻايو وڃي جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ هڪ وڏي غلطي هئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب رجب طيب اردوان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي حاجيا صوفيا هڪ ميوزيم نه چورائيندو. هن چيو ته هاڻي ان کي ميوزيم جي حيثيت مان ڪڍيو ويندو، هاڻي اسان ان کي هڪ مسجد چونداسين. هاڻي جيڪو به حاجيا صوفيا جو دورو ڪندو اهو حقيقت ۾ حاجيا صوفيا مسجد جو دورو ڪندو. واضح رهي ته يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ ورهايل ترڪي جي شهر استنبول ۾ موجود حاجيا صوفيا ۾ مسلمان اڪثر قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا رهندا آهن ۽ نماز به ادا ڪندا رهندا آهن، پر اڪثر استنبول ۾ موجود مسلمانن ۽ عيسائين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي آهي. عيسائين جو مڃڻ آهي ته مسجد ٺهڻ کان اڳ اهو تاريخي چرچ هيو. ان عمارت جي سيڪيولر حيثيت سڀني مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي اجازت ڏيندي آهي ته هو هتي اچي ڇهين صديءَ جي ان عظيم شاهڪار مان مزو وٺي سگھن. خيال طيب اردوان واضح ڪيو ته هو حاجيا صوفيا بابت ڳالهه ٻولهه مڪاني چونڊن کان پوءِ ڪندو، پر وقت اچي ويو آهي ته ترڪ ماڻهن جي خواهش تي اهو قدم کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن انهن مسلمانن ۽ عيسائن وچ ۾ امڪاني تڪرار تي سوال ڪيو ويو ته هن والاريل بيت المقدس ۾ يهودين لاءِ ٺاهيل ٽيمپل. جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي لاڳيتو مسجد الاقصيٰ کي نشانو بڻائيندا رهندا آهن. جيڪي ماڻهو خاموش رهندا آهن اهي حاجيا صوفيا مسجد تي اسان کي تجويز ڏيڻ جرعت نٿا ڪري سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.