شهباز شريف جي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ برطانيا روانگي جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لنڊن وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.  شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ سندس برطانيا وڃڻ جو امڪان آهي. شهباز شريف نه رڳو اتي پنهنجو چيڪ اپ ڪرائيندو پر پنهنجي ڪٽنب جي ميمبرن سان به ملاقاتون ڪرائيندو، حمزا شهباز شريف جي نياڻي جي به سار سنڀال ڪندو جڏهن ته اهم سياسي ملاقاتن جو به امڪان آهي.  رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان جيئن ئي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو هن پرڏيهه وڃڻ جي تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزارت موجب اڃا باضابطا طور شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان نه نڪتو آهي پر امڪان آهي ته جلد ئي عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.