اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيف الله نيازي چيو ته 9 مئي واقعن تي انتهائي افسوس آهي، گذريل هڪ سال دوران گهڻو ڊسٽرب رهيس، پنهنجي فيملي تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ مان تحريڪ انصاف ڇڏي رهيو آهيان.
واضح رهي ته سيف الله نيازي جو شمار عمران خان جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو.
ان کان اڳ فواد چوڌري، شيرين مزاري، فياض الحسن چوهاڻ، فردوس عاشق اعواڻ سميت ڪيترائي اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن.