اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موجوده مالي سال ۾ پاڪستان ۾ هر هڪ جي آمدني ۾ 198 ڊالرن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
ڳڻپ کاتي موجب موجوده مالي سال هر هڪ جي آمدني 1568 ڊالر رهي، جيڪا گذريل مالي سال 1766 ڊالر هئي، جڏهن ته هڪ سال ۾ هر هڪ جي آمدني ۾ 11.38 سيڪڙو گهٽتائي آئي.
ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت جي مجموعي ڪاٿي ۾ 33.4 ارب ڊالرن جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، سال 23-2022 ۾ معيشت جو ڪاٿو 375 ارب ڊالرن کان گهٽجي 341.6 ارب ڊالرن تي اچي ويو.
ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي، جنهن کانپوءِ سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ ڪارڪردگي 8.49 سيڪڙو رهي، تعليم جي شعبي ۾ به بهتري آئي، جيڪا بهتري کانپوءِ 4.9 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 10.44 سيڪڙو رهي.
ان کانسواءِ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن جي ڪارڪردگي 6 سيڪڙو هدف کان بهتر ٿي 6.93 سيڪڙو رهي.