”ٿُڪ آهي سياستدانن جي ويس ۾ لڪيل غدارن تي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته جيڪو شهيدن جي بي قدري ڪري اهو رڳو غدار هوندو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي موقعي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته شهيدن جو رت ڪنهن فرد جو نه قوم جو قرض هوندو آهي.

مريم نواز چيو ته شهيدن جو رت مُلڪ فخر ۽ مٽي جي امانت هوندو آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٿُڪ آهي سياستدان جي ويس ۾ لِڪل غدارن تي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ذهني مريض آهي، عمران خان جا پنهنجا ڏوهه ۽ زيادتيون سندس پيڇو ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.