اڄڪلهه سڀ ڪو پنهنجي شادي کي يادگار بڻائڻ جي لاءِ مختلف ۽ انوکي انداز ۾ وڊيوز ۽ تصويرون ڪڍي ٿو ان لاءِ ڪي وڃي سمنڊ ڪناري پهچن ٿا ته ڪير وري ڪٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ هڪ ڪنوار پنهنجي شادي جي ڏينهن کي يادگار بڻائڻ جي لاءِ انوکي انداز ۾ پنهنجي شادي جو وڳو پائي گاڏي جي بانيٽ تي ويهي وڊيو ٺاهڻ جو سوچو ۽ اهو عمل به ڪيو جيڪو سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
View this post on Instagram
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ڪنوار جي ان وڊيو کي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيو ڀرڻ کانپوءِ ٽريفڪ پوليس ڪنوار کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي روڪي ورتو ۽ کيس پندرهن هزار پين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو. جڏهن ته ڪنوار سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار همراهه کي به هيلمٽ نه هجڻ تي پندرهن سئو رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
ائين ڪندي ڪنوار پنهنجي شادي جي موقعي تي پاڻ کي سورهن هزار پنج سئو رپين جو چَتي هڻائي ويٺي.