ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي آءِ پي ايل ميچن دوران هر ” ڊاٽ بال “ تي پنج سئو وڻ پوکڻا پوندا، پر ڇو؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي) آءِ، آءِ پي ايل جي پلي آف مرحلي جي ميچن دوران هر ڊاٽ بال تي مُلڪ ۾ پنج سئو وڻ پوکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ماحولياتي تحفظ لاءِ بي سي سي آءِ سموري مُلڪ ۾ ” گرين ڊاٽ بالز “ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي،  جنهن کي سڄي دنيا ۾ سارهيو پيو وڃي.

گذريل ڏينهن آءِ پي ايل جي پهرين پلي آف ميچ ۾ گجرات ٽائٽنز ۽ چنائي سُپر ڪنگز وچ ۾ مقابلو ٿيو، ان ميچ ۾ چنائي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، پر ميچ کان اڳ بورڊ هر ڊاٽ بال تي ڀارت ۾ پنج سئو وڻ پوکڻ  جو اعلان ڪيو.

رپورٽن موجب، ميچ دوران بالرن طرفان 84 ڊاٽ بال هلايا ويا، يعني ڀارتي بورڊ کي 42 هزار وڻ پوکڻا پوندا ۽ اهو سلسلو ايندڙ ٽن ميچن تائين جاري رهندو.

بورڊ طرفان آءِ پي ايل ميچ دوران لائيو ڪمنٽري ۾ دلچسپ اڳڀرائي جو انڪشاف ڪيو ويو، ليگ جي آفيشل براڊ ڪاسٽرز تخليقي طور تي اسڪور ڪارڊ تي ڊاٽ بال بدران وڻ جي ايموجي ڏيکاري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.