حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) موٽر وي ايم 6 حيدرآباد ۾ اربين رپين جي ڪرپشن اسڪينڊل جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪرپشن اسڪينڊل جي مک ڪردار اسلم پيرزادا کي نيب ٽيم ڪراچي گرفتار ڪيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ نيب ڪراچي اسلم پيرزادا کي گرفتار ڪيو.
نيب اختياريون مک جوابدار کي حيدرآباد جي احتساب عدالت پيش ڪنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلم پيرزادا تي مٽياري موٽر وي اسڪينڊل ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو الزام به آهي.