”۽ ڌوني ڳالهيون ڪندي ڪندي روئي ويٺو“ هرڀجن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جو شمار ڪرڪيٽ تاريخ جي ڪامياب ترين ڪپتانن ۾ ٿيندو آهي، پنهنجي احساسن ۽ جذبن تي ظابطو رکڻ سبب کيس ” ڪيپٽن ڪول “ به چيو ويندو آهي.

ٽيم مٿان ڀلي ڪيترو به خراب وقت ڇو نه اچي، وقت گهٽ ۽ رنسون وڌيڪ هجن، ڪنهن فيلڊر ڪيچ ڊراپ ڪري ڇڏيو هجي، ڪنهن کيس رن آئوٽ ڪرايو هجي، ڌوني سدائين ئي پنهنجو مزاج ٿڌو رکيو آهي، ورلي ائين ٿيو هوندو جڏهن هن ڪنهن تي يا صورتحال تي ڪاوڙ ڪيو هجي.

ڪجهه ڪرڪيٽر ميدان ۾ جذباتي به ٿي ويندا آهن پر ڌوني جي اکين ۾ ڪڏهن به ميدان ۾ پاڻي ناهي ڏٺو ويو، پر تازو ئي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آف اسپنر هرڀجن سنگهه آءِ پي ايل جي فرنچائز چنائي سُپر ڪنگز جي ٽيم ڊنر جي موقعي تي ڌوني جي روئڻ وارو بيان ڪيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Star Sports India (@starsportsindia)

اڱاري جي ڏينهن انسٽاگرام تي اسٽار اسپورٽس هرڀجن سنگهه ۽ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ليگ اسپنر عمران طاهر جي ڪمنٽري باڪس جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ڌوين ببات دنگ ڪري ڇڏيندڙ انڪشاف ڪيو.

هن چيو ته هو ڌوني بابت هڪ ڪهاڻي ونڊڻ چاهي ٿو، سال 2018ع ۾ جڏهن چنائي سُپر ڪنگز جي ٽيم ٻن سالن جي پابندي بعد واپس آئي هئي ته اسان سڀ گڏ هئاسين ۽ ٽيم لاءِ ڊنر رکيو ويو هو.

اڳوڻي ڪرڪيٽ چيو ته هن ڪيئي ڀيرا ٻڌو هو ته مرد روئيندا نه آهن، شايد ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر نه هجي پر مهيندر سنگهه ڌوني اتي رنو، هو جذباتي ٿي ويو هو.

ان ڏس ۾ عمران طاهر وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي چيو ته هو به ان ڏينهن اتي موجود هو، جڏهن ڌوني جذباتي ٿي ويو، کيس ان ڏينهن اندازو ٿي ويو ته چنائي ڌوني جي دل جي ڪيترو ويجهو آهي.

هن چيو ته اهو اسان سڀني لاءِ ڏاڍي جذباتي ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ جو سندس ڳوڙها ۽ لڳاءُ اسان لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿي، اسان ان سال آءِ پي ايل ٽورنامينٽ کٽي هئي.

ياد رهي ته ڌوني پنهنجي  قيادت ۾ چنائي سُپر ڪنگز کي چار ڀيرا آءِ پي ايل چيمپيئن بڻايو آهي.

چنائي سُپر ڪنگز ۽ راجسٿان رائلز تي ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ ٻه سال آءِ پي ايل کيڏڻ جي پابندي مڙهي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.