ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ ڀارتي بورڊ پاڪستان جي هائبرڊ ماڊل کي مشروط طور تسليم ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ مشروط طور پاڪستان جو هائبرڊ ماڊل قبول ڪندو جنهن ۾ ڀارت شرط رکيو آهي ته پاڪستان کي عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻي پوندي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان باظابطا اعلان 27 مئي واري اجلاس کانپوءِ ڪندو.

واضح رهي ته هائبرڊ ماڊل تحت ڀارت ايشيا ڪپ ۾ پنهنجون ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏندو ۽ نيوٽرل وينيو لاءِ گڏيل عرب رياستن يا سريلنڪا جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.