اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار زخمي نوجوان کي اسپتال پهچائي سندس حياتي بچائي ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ناظم آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ نوجوان جي حياتي بچائي ورتي.

وچ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سامهون شاهه جهان اوينيو تي تيز رفتار ڪار نوجوان مٿان چڙهي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار روڊ تي پيل متاثر نوجوان کي پنهنجي گاڏي ۾ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ۽ سندس حياتي بچائي ورتي.

ان حوالي سان حاظم ڀنگوار جو چوڻ هو ته هاڻ زخمي نوجوان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي نوجوان جي اسپتال منتقلي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن کانپوءِ حاظم ڀنگوار جي ان عمل جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.