ماڻهن کان زبردستي پارٽي ڇڏرائي پئي وڃي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پارٽي ڇڏيندڙن بابت سوال تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته توهان جي جماعت مان مسرت چيما ۽ جمشيد چيما پارٽي ڇڏي رهيا آهن، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اهي پارٽي نه پيا ڇڏين، انهن کان زبردستي ڇڏرائي پئي وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي پارٽي جي عورتن جي گرفتاري جو سڀ کان وڌيڪ ڏک آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.