گلشن اقبال(ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني ڊجيٽل آدم شماري سنڌين جي سخت مخالفت باوجود سرڪار پنهنجي ڏاڍ جي بنياد تي وقت کان پهرين اتحادي پارٽين جي چوڻ تي ڪرائي، جنهن جا نتيجا سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن جو حصو آهن، جنهن کي مڪمل رد ڪيون ٿا.
جسقم ڪراچي ڊويزن جي ڊي او الاهي بخش بڪڪ جي رهائش گاھ تي سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت وقت جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اقتدار جي رسا ڪشي ۾ سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌي ماڻهن جي توانائي استعمال ڪري سنڌ کي وڌيڪ معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ بنيادي مسئلن ۾ وڌو وڃي پيو.
هن چيو ته سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ بنا ڪنهن سياسي، مذهبي فرق جي قومي ٻڌي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ سنڌ کي بچائي نه سگهنداسين ۽ جيڪڏهن سنڌ نه بچي سگهجي ته سنڌين جو وجود به بچي نه سگهندو،ان موقعي تي ديدار شام، منور شيخ، ايڊووڪيٽ اياز ڀٽو، مومن اوڍو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.