ٽنڊي غلام حيدر ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت زبون، ٻارڙن جون زندگيون داءَ تي لڳل

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب پرائمري اسڪول تباهه ٿيڻ لڳو، عمارت زبون بڻجي وئي
ڳوٺ محمد عمر لغاري ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون
ان حوالي سان ڳوٺاڻن عبدالله لغاري،شبير احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ مختلف ڳوٺن جا سوين ٻارڙا تعليم پرائن ٿا، عمارت کنڊر هجڻ سبب سندن حياتيون داءَ تي لڳل آهن
هنن چيو ته عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، ڪنهن به وقت ڪو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، اختيارين کي لکت ۾ دانهڻ باوجود ڪنهن به تدارڪ ناهي ڪيو
ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي عمارت جي مرمت ڪرائڻ سميت اسڪول ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪري ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.