عارف علوي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو يا نه؟ پي ڊي ايم ترجمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته صدر عارف علوي ڳالهين جا ڀاشن ڏيڻ کان اڳ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.

هڪ بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته صدر عارف علوي ٻڌائي هو 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو يا نه؟ صدر صاحب واضح ڪري ته پاڪستان جو وفادار آهي يا عمران خان جو؟

هن سوال ڪيو ته عارف علوي پاڪستان جو صدر آهي يا زمان پارڪ جو ٽائيگر؟ صدر علوي کي ثابت ڪرڻو پوندو ته توهان واقعي ڪمانڊر ان چيف آهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.