اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سياسي بحران پوئتي رهجي ويو، هاڻي آئيني بحران ملڪ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته سياسي بحران حل ڪرڻ بدران سنگين آئيني بحران پيدا ڪيو ويو، آئيني ۽ سياسي بحران حل ڪرڻ لاءِ نه جو ادارو بچيو آهي نه ئي شخصيت.
هن چيو ته اسان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيا آهيون، جنهن مان نڪرڻ جو واحد رستو سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ آهي.
هن چيو ته عدليه فل ڪورٽ ذريعي آئيني بحران ۾ نڪرڻ جو رستو ڳولي، آئيني ۽ سياسي معاملا بند گهٽي ۾ پهچي وڃن ته گهڙي جي ٽڪ ، ٽڪ شروع ٿي ويندي آهي.
وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ تمام ٿورو وقت آهي، سياسي ۽ آئيني بحران جو حل نه ڪڍيو ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار ادارا هوندا.
هن چيو ته ضد ۽ انا ملڪ کي هن دٻڻ ۾ ڦاسايو آهي، افسوس ناڪ صورتحال آهي، سياسي بحران حل ڪرڻ بدران سنگين آئيني بحران پيدا ڪيو ويو آهي.
خورشيد شاهه چيو ته سياسي بحران جو حقيقي تعين ڪرڻو آهي ته شروعات جنرل رٽائرڊ پاشا کان ڪئي وڃي، جنرل رٽائرڊ ظهير اسلام، جنرل پاشا ۽ جنرل فيض، عمران خان کي ملڪ تي مڙهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جو بنيادي ڪارڻ عمران خان کي ملڪ تي زوري مڙهڻ آهي.
وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي حل نه ڪڍيو ته پوءِ ڪو به رستو نه بچندو.، بار بار چوان ٿو ته هن وقت مسئلن جو حل رڳو فل ڪورٽ آهي.