ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائيٽ ايريا ڪراچي جي علائقي ۾ خانگي  فيڪٽري جي ٻاهران راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن جون قيمتون حياتيون ضايع ٿيون آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي راشن ورهائڻ  بابت ڪابه اطلاع ڪونه ڏني هئي ۽ نه ئي اجازت ورتي هئي. هن چيو ته فيڪٽري مالڪن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ست ماڻهون گرفتار ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني  ۾ هر ڪو نيڪي جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سرندري وارن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نيڪي جي اهڙين سرگرمين بابت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏني وڃي ته جئين مناسب سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جي ورڇ دوران پنجاب ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا،ان کي مدنظر رکندي، سنڌ حڪومت حقدار خاندانن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي اٽي جي خريداري جي رقم منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته جئين ان قسم جا واقعا پيش نه اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.