”عدالتي فيصلن سٺي قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي، هن قومي معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ ٺهڻ گهرجي“

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي هن بئنچ ۾ ٻه جج اهي آهن، جن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو، جڏهن بئنچ کي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول هوندو.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته اٽارني جنرل ۽ سول سوسائٽي سڀ چئي رهيا آهن ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه جو اصرار آهي، اهو ڪنهن ٽرڪ، ريڙهي واري يا پلاٽ خالي ڪرائڻ جو نه پر قومي معاملو آهي، 2017 ۾ به ان قسم جي بئنچ ٺهي هئي، جنهن سبب ملڪ جو مستقبل انداهو نظر ايندو آهي.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ بجلي جو بل گهٽ ايندو هو، اسان لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي، ملڪ ۾ موٽر ويز ٺهي رهيا هئا، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا بلند ترين سطح تي هئا.

سندس چوڻ هو ته قوم کي انهن ئي بئنچن جي فيصلن تباهي ڪناري آڻي ڇڏيو آهي، ثاقب نثار ۽ ٻيا رٽائرڊ جج قوم کي ٻڌائيندا ته مون کي ڇو نااهل ڪيو ويو، توهان شوڪت صديقي جي ڳالهين تي ڪڏهن سوموٽو ورتو؟ ڇا ان ڳالهه تي سوموٽو نٿو ٺهي ته نواز شريف سان زيادتي ٿي؟

نواز شريف چيو ته اهي قوم تي مرضي جا فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا، اميد ته الله اهڙن فيصلن کان ملڪ کي بچائيندو، سڌي ڳالهه آ ته بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول هوندو؟ فل ڪورٽ ٺاهيو، ان جو فيصلو سڀني کي قبول هوندو، ان بئنچ ۾ ٻه جج اهي آهن، جن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو، ڇا سڀ فيصلا عمران خان لاءِ ڪرڻا آهن؟ عدالتي فيصلن سٺي قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي، اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو مون کي 2017 جو تسلسل لڳي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.