پيٽرول پمپ تي فراڊ جا 5 طريقا ڄاڻي وٺو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ پاسي تيل اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي پيٽرول پمپ مالڪ وڏي سياڻپ سان عوام کي ڦريندا آهن.

اوهان کي اڄ اهڙا پنج طريقا ٻڌايون جن ذريعي پيٽرول پمپ تي شهرين سان ٺڳي ڪري سگهجي ٿي.

شارٽ فيولنگ

هن طريقي ۾ پيٽرول پمپ ملازم مشين جي ميٽر کي ري سيٽ ناهي ڪندو، ان لاءِ پيٽرول ڀرائيندي وقت ميٽر تي نظر رکجي.

اليڪٽرانڪ چپ

ڪجهه مشينن ۾ چپ لڳائي ويندي جنهن ۾ ڄاڻايل مقدار کان گهٽ پيٽرول سيٽ ڪيو ويندو آهي، ان چوري کي پڪڙڻ لاءِ ليٽر وارين بوتلن ۾ پيٽرول وٺي پڪڙي سگهجي ٿو.

سينٿيٽڪ آئل

ڪجهه پمپس تي سنٿيٽڪ آئل هوندو آهي جيڪو عام پيٽرول کان سستو آهي ۽ پمپ وارا بنا پڇا جي اهو پيٽرول ڀري ڇڏيندا آهن، ان تي به نظر رکجي.

ناقص پيٽرول

فراد جو اهو طريقو پراڻو آهي، هن ۾ پيٽرول۾ ملاوٽ ڪئي ويندي آهي اهو چيڪ ڪرڻ لاءِ پيٽرول جا ڦڙا پني تي هاريو، جيڪڏهن داغ ڇڏين ته سمجهو ته پيٽرول ۾ ملاوٽ آهي.

اگهن ۾ ڦير گير

واهپيدارن کي پيٽرول ڀرائڻ کان اڳ پيٽرول جي قيمت چيڪ ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪجهه پمپس تي اگهن ۾ ڦير گير ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.