ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن کان انٽرنيٽ تي سنڌ جي پنج هزار سال قديم شهر موهن جي دڙي جون تصويرون وائرل ٿيون آهن.
انهن تصويرن کي فنڪار رحمت الله مير بحر آرٽيفيشل انٽيلجنس جي مدد سان تيار ڪيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن موهن جي دڙي جو ڪو مواد انٽرنيٽ تي اڳواٽ موجود هجي ها ته اهي تصويرون سئو سيڪڙو اصل شهر جي عڪاسي ڪن ها.
هنن تصويرن ۾ موهن جي دڙي شهر، ٻارن، عورتن، مردن، دڪانن ۽ عمارتن کي ڏيکاريو ويو آهي جن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.
فنڪار رحمت الله مير بحر جو واسطو سنڌ جي ضلعي ٺٽي جي شهر سونڊا سان آهي،بنيادي طور هو فوٽوگرافر آهي ۽ ويب ڊزائنگ به ڄاڻي ٿو.
هن اهي خاڪا اڳواٽ موجود مواد کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ بعد ئي تيار ڪيا آهن.
رحمت الله چوي ٿو ته کيس اندازو ئي نه هو ته هنن تصويرن کي ايتري موٽ ملندي ۽ ايندڙ ڀيري هو وڌيڪ بهتر تصويرون ٺاهيندو.