خان پور (رپورٽ:عاصم دايو) خان پور ٿاڻي جي حد ڪلر ڪوٽ وٽ پارڪو ڪمپني ۾ ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙ 4 مسترين کي 3 ھٿياربندن يرغمال بڻائي مارڪٽ بعد روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪري 3 ڄڻن کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته هٿياربند ڳوٺ عمر جعفري واسي نوجوان نصر الله جعفري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن اغوا کان بچي ويل گلزار قريشي، محمد صفدر ملڪ ۽ ٽيڪسي ڊرائيور مقصود آگاڻي خانپور پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته اسان پارڪو ڪمپني ۾ ڪم ڪندا آھيون ۽ ڪم تان واپس خان پور طرف اچي رهيا هئاسين ته انڊس هاءِ وي ڪلر ڪوٽ ڀرسان هٿياربندن ڪار روڪرائي سڀني کي مارڪٽ ڪرڻ بعد روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، بعد ۾ هٿياربند نوجوان نصرالله جعفري کي اغوا ڪري ويا.