رولز ٺهڻ تائين سوموٽو جا سمورا ڪيس ملتوي، چيف جسٽس کي خاص بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ فيصلو جاري ڪيو. خاص بئنچ ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن ۽ اهو فيصلو هڪ- ٻه جي شرح سان جاري ڪيو ويو. فيصلي موجب چيف جسٽس کي خاص بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ رولز ۾ چيف جسٽس کي اسپيشل بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي، اسپيشل بئنچ ۾ مختلف بئنچن مان هڪ هڪ جج کي شامل ڪيو ويو، عدالتي ٽائم ختم ٿيڻ وقت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته چيف جسٽس وٽ اختيار ناهي ته بئنچ جوڙڻ کانپوءِ ڪنهن جج کي ان مان الڳ ڪري، هڪ جج سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جوابده ٿي سگهي ٿو پر جڊيشري نه.، فيصلي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي عقل کي آئين جي دانشمندي جو متبادل نٿو ڏئي سگهي، آئين چيف جسٽس کي هڪ طرفي ۽ صوابديدي اختيار نه ڏنو، چيف جسٽس سمورن ججن کي گڏيل طور مقرر ڪرڻ جو فرض سرانجام نٿو ڏئي سگهي  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي گڏيل طور تي مقرر ڪرڻ جو فرض سرانجام نٿو ڏئي سگهي.  بئنچ ۾ جسٽس شاهد وحيد فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ نوٽ ۾ لکيو ته جن معاملن تي فيصلو ڏنو ويو، اهي اسان جي سامهون ئي نه هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.